ٽڪا خان

ٽڪا خان

ٽڪا خان

ٽڪا خان: جنرل ٽڪا خان 1915ع ڌاري ڳوٺ جوڇها ممدوٽ تعلقي ڪهوٽا ضلعي راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو. 1940ع ۾ انڊين ملٽري اڪيڊمي ديره دون مان آرٽلري آفيسر طور ڪميشن حاصل ڪيائين. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران مغربي صحرا ۽ برما ۾ جنگي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1946ع ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽا مان سند حاصل ڪيائين. 1951ع تائين هڪ آرٽلري رجمنٽ جي ڪمانڊ ڪيائين. 1954ع ڌاري جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف آرٽلري مقرر ٿيو. 1955ع ڌاري برگيڊيئر جي عهدي تي نامزد ٿيو ۽ کيس ڊويزنل آرٽلريءَ جي ڪمان سونپي وئي. 1958ع تي ڊائريڪٽر اسٽاف ڊيوٽيز ۽ 1960ع ۾ ڪوآرٽلري جو ڪمانڊر مقرر ٿيو. 1962ع ڌاري ڊويزن ڪمانڊر جي عهدي تي کيس ترقي ملي. اپريل 1965ع ڌاري رڻ ڪڇ سيڪٽر ۾ سندس قيادت ۾ پاڪستاني فوج ڀارتي فوج کي زبردست شڪست ڏني ۽ هي هڪ فاتح جرنل طور مشهور ٿيو. سيپٽمبر 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران سيالڪوٽ سيڪٽر ۾ هڪ ڊويزن جي ڪمان ڪري هن ڀارت جي پيش قدمي روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. 1965ع جي جنگ ۾ خدمتن عيوض کيس ستاره پاڪستان جو اعزاز ڏنو ويو. 1966ع ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي فائز ٿيو. 1967ع ۾ جڏهن ٽڪا خان حيدرآباد ۾ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هو ته هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندس هڪ عزيز جي ’سنڌي مضمون‘ ۾ فيل ٿيڻ تي سنڌي مضمون کي ختم ڪرايو. چون ٿا ته علامه آءِ. آءِ. قاضي به هن جي مداخلت سبب سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏني هئي. 1969ع ۾ هي ليفٽيننٽ جنرل بڻيو ۽ گڏوگڏ ڪور ڪمانڊر به ٿيو. صدر يحييٰ خان جي دور ۾، 1971ع ۾ کيس مشرقي پاڪستان جو گورنر ۽ فوجي ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. ان وقت مشرقي پاڪستان ۾ بغاوت پکڙيل هئي ۽ ٽڪا خان ان کي روڪڻ لاءِ فوجي ڪارروائي ڪئي. جنهن دوران هزارين بنگالي ماريا ويا. عورتن سان زيادتيون ٿيون. ان وقت جي حڪومت هن کي سيپٽمبر 1971ع ۾ مغربي پاڪستان ۾ ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو. 14 آگسٽ 1971ع ۾ هن کي هلال قائداعظم ۽ 8 سيپٽمبر 1971ع ۾ هلال جرائت جي اعزاز سان نوازيو ويو. 1972ع ۾ فل جنرل ٿيو ۽ ان سان گڏ پاڪستان آرمي جو چيف آف اسٽاف مقرر ڪيو ويو. 1976ع ڌاري فوج مان ريٽائر ٿيو ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو قومي تحفظ لاءِ مشير مقرر ٿيو. ڀٽي جي آخري دورِ حڪومت ۾ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ وزير مملڪت مقرر ٿيو. جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ هن کي نظر بند رکيو ويو. جنرل ٽڪا خان پاڪستان پيپلز پارٽي جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. محترمه بي نظير ڀٽو جڏهن 1988ع ۾ پاڪستان جي وزيراعظم مقرر ٿي ته جنرل ٽڪا خان 1988ع ۽ 1990ع ۾ پنجاب جو گورنر رهيو.


لفظ ٽڪا خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

جنرل ٽڪا خان 1915ع ڌاري ڳوٺ جوڇها ممدوٽ تعلقي ڪهوٽا ضلعي راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آتم تلريجا
سرائي علي گوهر خان
حڪيم غلام مرتضيٰ شاهه
تاج العاشقين محمد سنڌي
شعيب منصور
عبدالقادر انصاري ڊاڪٽر
پاويل جوڻيجو
عطيه دائود
سڪندراعظم
ملڪ محسن علي خاصخيلي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون